ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄڪلهه سخت گرمي آهي ۽ موسميات کاتي شهرين کي گرمي جي حوالي سان وڌيڪ خبردار ڪري ڇڏيو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ گرمي وڌڻ جو امڪان آهي، ايندڙ 3 ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 40 ڊگري تائين رهڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ جيڪب آباد، دادو، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڄامشوري، ٿرپارڪر، دادو ۽ عمرڪوٽ ۾ اڄ شام يا رات آنڌاري ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
Prev Post
You might also like