بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي وڏي پٽ جنيد خان فلم مهاراج ذريعي فلم انڊسٽري ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪري ورتو.
نيٽ فلڪس ۽ يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم مهاراج شديد تڪرار جو شڪار بڻجڻ بعد 22 جون تي رليز ڪئي وئي.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ جنيد خان مداحن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته فلم جي رليز بعد ملڻ واري سمورن تجزين سوشل ميڊيا طرفان ملندڙ محبت سان ڏاڍو خوش آهيان.
جنيد خان جو چوڻ هو ته هن وقت جيڪو محسوس ڪري رهيو آهيان اهو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهان، فلم مهاراج ۽ ان جي رليز منهنجي لاءِ ڊگهو ۽ مشڪل سفر هو، پر فلم جي رليز بعد ملڻ واري ردعمل بعد هاڻي لڳي ٿو ته سڀ ڪجهه صحيح ٿي ويو آهي.
AmirKhan Junaidkhan Maharaj
You might also like