امباڻي جي شادي ۾ ماني سان گڏ سون به پيش ڪيو ويو:اداڪارا سارا خان

بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان اننت امباڻي جي پري ويڊنگ تقريبن ۾ ماني سان گڏ سون پيش ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو.
اننت امباڻي جي شادي ايشيا جي سڀ کان وڏي ۽ عاليشان شادي تصور ڪئي پئي وڃي، شادي کان پهريان ئي رائونڊ ون رائونڊ ٽو ۾ منفرد تقريبون منعقد ڪيون ويون، جن ۾ لڳ ڀڳ سڄي بالي ووڊ کي گهرايو ويو هو.
شادي جي رسم و رواج ۽ منفرد کاڌن بابت تازو ئي اداڪارا سارا علي خان انڪشاف ڪري سڀني جو ڌيان پنهنجي پاسي ڇڪائي ورتو آهي.
اداڪار جام نگر ۾ اننت امباڻي ۽ راڌيڪا مرچنت جي شادي کان پهريان جي تقريب ۾ شرڪت جو پنهنجو تجربو شيئر ڪيو ۽ ٻڌايو ته شادي ۾ مهمانن کي ماني سان گڏ سون به ڏنو ويو.
ڀارتي خابرو اداري موجب اداڪارا سارا علي خان هڪ سوال جي جواب ۾ طنز ڪندي چيو ته امباڻي جي شادي تقريب ۾ کاڌي سان گڏ سون پيش ڪيو ويو، مان قسم کائي چوان ٿي ته انهن تقريبن ۾ هر طرف هيرا وکيريل هئا.
bollywood ambanifamily saraalikhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.