سکر (ويب ڊيسڪ) سکر بئراج جي متاثر ٿيندڙ دَر جي مرمتي ڪم سبب شاخن کي پاڻي جي فراهمي بند ڪئي وئي آهي.
سکر بئراج مان شاخن کي پاڻي جي فراهمي رڪجڻ کانپوءِ چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جو فصل متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
زراعت کاتي موجب موجوده صورتحال ۾ آبادگارن جي رهنمائي لاءِ حيدرآباد ۾ واٽر ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي، هارين جي رهنمائي لاءِ سنڌ جي 6 ڊويزنز ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن، واٽر ايمرجنسي سيل ۾ صوبائي، ڊويزنل، ڊسٽرڪٽ ۽ تعلقي سطح تي 32 فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن.
زراعت کاتي جي نمائندي ٻڌايو ته سکر بئراج مان سنڌ جي زرعي زمينن جو تقريبن 70 سيڪڙو حصو سيراب ٿيندو آهي.
sukkur sindh sukkurbarrage