سنڌ ۾ گاڏين جي جعلي نمبر پليٽن خلاف ميگا آپريشن جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ گاڏين جي جعلي نمبر پليٽن خلاف ميگا آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته جعلي نمبر پليٽون استعمال ڪندڙن خلاف ميگا آپريشن شروع ڪيو آهي، ماڻهو سنڌ پوليس ۽ سنڌ حڪومت جي نالي جون نمبر پليٽون لڳائي گهمي رهيا هئا.
هن چيو ڪير به سمجهي ته اثر هلائي بچي ويندو، قانون کان ڪير به مٿانهون ناهي، جعلي نمبر پليٽون ٺاهيندڙ دڪانن خلاف به سخت کان سخت ايڪشن وٺنداسين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پريميئم نمبر پليٽ جو آڪشن ڪيو ويندو، ايڪسائز کاتو گولڊ ۽ سلور نمبر پليٽ لاءِ آڪشن 29 جون تي مقامي هوٽل ۾ ڪندو.
شرجيل ميمڻ چيو ته نگران حڪومت جي ڪوتاهي سبب ريڊ لائن منصوبي تي 8 مهينن کان ڪم بند هو، ٽرانسپورٽ جي حوالي سان جلد نوان روٽ شروع ڪري رهيا آهيون، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد کانپوءِ هاڻ نوابشاهه ۾ به بسون هلنديون.

sharjeelmemon ppp sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.