آسٽريلوي فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ لڳاتار ٻين هيٽرڪ ڪري تاريخ رقم ڪري ورتي آهي.
سپر ايٽ مرحلي ۾ افغانستان خلاف مئچ ۾ پيٽ ڪمنز ڪريم جنت،راشد خان ۽ گلبدين نائب کي پويلين جي راهه ڏيکاري، پيٽ ڪمنز جي بالنگ ۾ ٽئي رانديگر ڪئچ آئوٽ ٿيا.
انکان پهريان آسٽريلوي رانديگر جمع جي رات بنگلاديش خلاف مئچ ۾ به هيٽرڪ ڪئي هئي.
پيٽ ڪمنز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هيٽرڪ ڪرڻ وارو ستون بالر آهي.
ياد رهي ته بنگلاديش خلاف هيٽرڪ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن به بالر طرفان پهرين هيٽرڪ هئي.
ڪمنس بريٽ لي کان پوءِ ٻيو آسٽريلين بالر آهي، جنهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هيٽرڪ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
Australia PatCummins T20WorldCup2024
You might also like