سنڌي ادب ۾ نسيم کرل جو نالو هڪ برجستي ڪهاڻيڪار هجڻ ڪري تمام گهڻو مشهور آهي جنهن ڪهاڻي کي جديد ڪري پيش ڪيو هو سندس مشهور ڪهاڻي چوٽيهون در آهي، سنڌي ادب ۾ هڪ شاهڪار ڪهاڻي طور مڃتا رکي ٿي جيڪا سکر بئراج تي قائم پُل جي چوٽهين در تي لکيل آهي.
چوٽيهون در نسيم کرل جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي جيڪو سنڌي شايد ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي پبليڪيشن شعبي جون 1980ع ۾ ڇــپائي پــڌرو ڪـيـو هــو ۽ وري ساڳيو جون مهينو هلي رهيو آهي ته هاڻي چوٽيهين بدران هر هنڌ ستيتاليهين در جي ٿي رهي آهي.جنهن جون ڪالهھ کان سوشل ميڊيا تي اها خبر پڙهي رهيا آهيون ۽ ٻڌي رهيا آهيون اها ڳالهھ تمام گهڻي هلي رهي آهي ته سکر بئراج جي مرمت دوران چوهٽ دروازن واري پُل جو ستيتاليهون در پاڻي جي دٻاءَ سبب لُڙهي ويو آهي جنهن سان پُل کي تمام گهڻو خطرو آهي ته شايد پاڻي جي پريشر سان اها پُل ئي نه لُڙهي وڃي.
اچو ته پهريان سکر بئراج مٿان جُڙيل پلن بابت ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسون ته اهي ڪيتري محنت سان ڪيتري عرصي بعد جُڙي راس ٿيون جنهن سان سکر سڄي سنڌ سان ڳنڍجي ويو آهي
سکر بئراج پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ سکر شهر جي ويجهو سنڌو درياھ تي قائم ٿيل هڪ مشهور بئراج پل آهي.اها تقريبن ويهين صدي ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءِ جا ڪم ٿيا هئا انهن ۾ سکر بئراج جو شمار دنيا جي عجائبات ۾ شامل ٿئي ٿو. دنيا جو ھي وڏي ۾ وڏو بند آھي. سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف جتي اڳ سنسان جهنگ هو. ھيءَ پُل قائم ڪئي وئي هئي جنهن جي ڊيگهه ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڳي سفيد پٿر جي جڙيل آهي، جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن، جيڪي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور ھائوس ڌار آھي. هن پل جي اسڪيم انگريز دور ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت ھند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ ھي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جاچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. پر پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو هو.ان کانپوءِ مسٽر اي_ اي مسٽو بئراج ۽ ان جي ستن واھن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو هو. 1923ع ۾ سيڪريٽري هند کان منظوري پهتي ۽ ساڳئي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واھن جي کاٽيءَ جو ڪم مشينن (ايڪسڪيوٽرن) جي وسيلي شروع ڪيو ويو هو. ھر مشين ھڪ منٽ اندر 74 ٽن مٽي کوٽي ٻاھر اڇلائڻ لڳي هئي.
بهرحال ان وقت جملي 46 مشينون مختلف ھنڌن تي لڳايون ويون هيون. انهن مشينن جي کوٽائي جو ڪم ڏسڻ وٽان ھو. انهن Excavators ستن واھن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي ھئي. پل تعمير ڪرڻ لاءِ ڪافر ڊيم Cofferdam ٻڌي پاڻي ڪڍي ٻاھر اڇلائينديون ھيون. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روھڙيءَ جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اُتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اھميت ھن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوھ جي جڙيل آھي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي جڙيل آهي. 13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن ھن پل جو افتتاح ڪيو.ان بعد شايد ئي ڪڏهن هنن انگريز دور جي پُلن جو ڪو جوڳو ڪم ٿيو هجي اهو اسان کي ويجهي ماضي ۾ ته نظر ڪو نه آيو آهي پر حال ئي ۾ ڪم شروع ڪيو ويو ته هڪ دروازو ضايع ٿي ويو آهي.
سکر بئراج پل جو ڏيڊ ارب روپين جي لاگت سان مرمت ڪيل دورازو لڙهي ويو آهي، ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو برداشت ڪندڙ دروازو هڪ لک کان گهٽ پاڻي جو وهڪرو برداشت نه ڪري سگهيو آهي.جيڪا اچرج ۾ وجهڻ جي ڳالهھ آهي ايئن لڳي رهيو آهي ته بئراج تي خرچ وڌيڪ ڪرڻ لاءِ شايد هٿرادو طور ان دروازي کي لوڙهيو ويو آهي سنڌ حڪومت پاران سکر بئراج جي دروازن جي مرمت واري منصوبي تحت دروازي نمبر 47 جي ڪرايل مرمت دوران لڙهي ويو آهي،سکر بئراج جو دروازو نمبر 47، 20 هين ع 21 هين جون جي وچ واري رات جو سکر بئراج جو دروازو نمبر 47 پائي جي وهڪري ۾ لڙهي ويو هو،
آبپاشي عملو دروازو ڳولهڻ ۾ مصروف آهي،پر هن وقت تائين دروازو ناهي ملي سگهيو.پر هاڻي اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته دروازي جي ڳولها لاءِ آبپاشي کاتي پاران جلد پاڪ فوج جي انجنيئرنگ ڪور کان مدد ورتي ويندي جيڪڏهن انهن کان به ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ چيني انجنيئرن سان رابطو ڪري انهن کي هاير ڪيو ويندو جيڪي ھڪ ھفتي اندر سکر بئراج جو 47 ھون در لڳائي ڇڏيندا.مطلب ته کاتي ۾ موجود سوين انجنيئر نا اھل آهن جو هڪ دروازو نٿا بيهاري سگهن.
سکر بئراج جي سارسنڀال ۽ مرمت لاءِ رکيل سالياني بجيٽ جو رڳو 70 سيڪڙو به ايمانداريءَ سان خرچ ٿيندي رهي ها ته بئراج جي هيءَ حالت نه ٿئي ها، هر سال بجيٽ صحيح نموني سان خرچ ٿئي ته دروازن سميت بئراج جي ٻين حصن جي مرمت لاءِ ڪنهن خاص بجيٽ جي ضرورت نه پوي پر افسوس ته ان سالياني بجيٽ جو 70 سيڪڙو خبر ناهي ته ڪيڏانهن ٿو وڃي آبپاشي عملدارن موجب سکر بئراج وٽان هن وقت سنڌو درياهه مان پاڻي جو وهڪرو لڳ ڀڳ 88 هزار ڪيوسڪ آهي،
سکر بئراج 11 لک 75 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جو وهڪرو برداشت ڪري چڪو آهي، انهن ساڳين دروازن مان ڪيترائي ڀيرا انتهائي وڏي درجي واري ٻوڏ دوران به اهي دروازا آساني سان پاڻي جو دٻاءُ برداشت ڪري چڪا آهن؛ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته مهينو ڏيڍ اڳ مرمت ڪيل دروازو هڪ لک ڪيوسڪ کان به گهٽ پاڻي جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو آهي، هن سال چوماسي جي مينهن مٿين علائقن ۾ برف جي ڳرڻ کانپوءِ ڪجهھ هفتن کانپوءِ 3 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جي گذرڻ جو امڪان آهي ته پوءِ ان صورتحال ۾ ڇا ٿيندو؟اهو حڪومت لاءِ هڪ وڏو سوال آهي.
مون شروعات ۾ نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهين در جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڪهاڻيڪار ان در ۾ افسانوي انداز سان هڪ لاش ڦاسڻ جي ڳالهھ ڪئي پر تازي ڪهاڻي اها آهي ته هي پُل لاش بڻجي وئي آهي جنهن جو هڪ عضوو ڪٽجي لڙهي ويو آهي ان بابت موجوده حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن پل کي ستيتالهين در لڙهي وڃڻ کان پوءِ وڌيڪ نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير هوندو.؟