حيدرآباد سلينڊر ڌماڪو، وزيراعظم طرفان فوتين ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعظم مالي امداد جي حوالي سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قومي اسيمبلي ميمبر سيد وسيم حسين طرفان لکيل خط تي ايڪشن ورتو.
خط ۾ شهباز شريف کان سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين جي مالي مدد جي درخواست ڪئي وئي هئي.
واضح رهي ته سلينڊر ڌماڪي ۾ 27 ڄڻا فوت ٿيا هئا، جڏهن ته زخمين جو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

shahbazsharif hyderabad pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.