نازيبا ريمارڪس تي پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ميمبر ثناءُ الله مستي خيل جي رڪنيت معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس دوران تحريڪ اناف ميمبر ثناءُ الله مستي خيل طرفان نازيبا لفظ استعمال ڪيا ويا.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ جڏهن ثناءُ الله مستي خيل نازيبا ريمارڪس ڏنا ته سندس مائيڪ بند ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ ميمبر جي ريمارڪس تي اسيمبلي ۾ گوڙ ڪيو ويو، حڪومتي عورت ميمبرز اسپيڪر جي چيمبر ۾ وڃي پهتيون ۽ پي ٽي آءِ ميمبر جي معطلي جو مطالبو ڪندي نعريبازي ڪئي.
ذريعن موجب حڪومتي ميمبرن جي احتجاج تي ثناءُ الله مستي خيل جي رڪنيت معطلي جو فيصلو ڪيو ويو.
قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق پنهنجي بيان ۾ چيو ته ثناءُ الله مستي خيل اسيمبلي رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي، بجيٽ جي مڪمل سيشن ۾ سندس رڪنيت معطل ڪئي وڃي ٿي.
ايوان پي ٽي آءِ ميمبر جي هلندڙ اجلاس لاءِ معطلي جي رٿ منظور ڪري ورتي، اسپيڪر چيو ته 2002 کان ايوان جو حصو آهيان، اڄ تائين مائيڪ تي اهڙا لفظ استعمال نه ٿيا.

sanaullahmastikhel nationalassemblyofpakistan ayazsadiq

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.