ڪراچي جو ڪيترو حصو لوڊشيڊنگ کان آجو آهي؟ ڪي اليڪٽرڪ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو آهي ته 70 سيڪڙو نيٽ ورڪ لوڊشيڊنگ کان آجو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جي شيڊيول ۾ وڏي تبديلي ناهي ڪئي وئي.
ڪي اليڪٽرڪ ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ نيٽ ورڪ جو ٽن مهينن جو جائزو مڪمل ٿي ويو، لوڊشيڊنگ شيڊيول ۾ وڏي تبديلي ناهي ڪئي وئي.
ترجمان ٻڌايو ته نيٽ ورڪ جو مجموعي طور تي 70 سيڪڙو حصو جيئن جو تيئن لوڊشيڊنگ کان آجو آهي، رڳو 30 سيڪڙو نيٽ ورڪ ۾ بجلي بلن جي وصولين جي بنياد تي لوڊشيڊنگ جو دورانيو طئي ڪيو ويندو آهي.
ترجمان موجب ترميم ٿيل شيڊيول لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ ويب سائيٽ، ڪي اي لائيو ايپ ۽ واٽس ايپ تي به موجود آهي.
ترجمان ٻڌايو ته جائزي ۾ انفرادي طور فيڊرن ۾ لاها چاڙها ڏٺا ويا پر مجموعي صورتحال ۾ وڏي تبديلي ناهي، لوڊشيڊنگ جو دارومدار چوري ۽ عدم ادائيگي جي شرح تي هوندو آهي، ان ۾ گهٽتائي سان بجلي فراهمي ۾ بهتري ٿيندي آهي.

kelectric karachi sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.