ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو هنڊا سي ڊي 70 ۽ سي ڊي 70 ڊريم جي اگهن ۾ واڌ ٿي هئي.
هن وقت سي ڊي 70 هڪ لک 57 هزار 900 رپين جي آهي ۽ سي ڊي 70 ٽريم هڪ لک 68 هزار 900 رپيا جڏهن ته هونڊا پرائيڊر 2 لک 8 هزار 900 رپين جي آهي.
هونڊا سي جي 125 جو اگهه 2 لک 23 هزار 900 رپيا ۽ هونڊا سي جي 125 اسپيشل ايڊيشن 2 لک 82 هزار 900 رپين جي ملي ٿي.
هونڊا پاران 30 جون تي مالي سال جي پڄاڻي تي اگهن ۾ تبديلي ڪري سگهجي ٿي.