ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار شفقت امانت علي چاهت فتح علي خان کي اسٽار بڻائڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي پنهنجي بي سري گانن سان شهرت ماڻيندڙ چاهت فتح علي خان جي وائرل گاني ”بدو بدي“ يوٽيوب تي 28 ملين ويوز حاصل ڪيا، ان گاني کي ڪاپي رائيٽ سبب ڊليٽ ڪيو ويو پر ان جي مقبوليت چاهت فتح علي کي اسٽار بڻائي ڇڏيو.
چاهت فتح علي خان پنهنجي ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي پر ڪيترن ئي گلوڪارن طرفان ان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي، جن ۾ شفقت امانت علي به شامل آهي.
شفقت امانت علي سوشل ميڊيا واهپيدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جي ماڻهن چاهت فتح علي خان جهڙن ماڻهن کي وائرل ڪري موسيقي جو مذاق اڏائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، چاهت فتح علي خان جي ڪري اسان جي گلوڪارن جي تذليل ٿي رهي آهي.
هن چيو ته مهرباني ڪري غور سان ڏسو، چاهت فتح توهان جي ملڪ جي موسيقي ۽ گلوڪارن جو مذاق اڏائي رهيو آهي، اهڙن ماڻهن کي وائرل نه ڪيو.
shafqatamanatali chahatfatehalikhan lollywood