ڇا سوناڪشي مسلمان ٿيندي؟ وضاحت اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها ۽ اداڪار ظهير اقبال 23 جون تي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا.
ڀارتي ميڊيا موجب ٻئي فنڪار گذريل ڪيتري ئي عرصي کان هڪٻئي سان ڊيٽنگ ڪري رهيا هئا، جنهن کانپوءِ هاڻ جوڙي پنهنجي محنت کي نئون نالو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سوناڪشي طرفان ظهير سان شادي جي فيصلي کانپوءِ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته هوءَ پنهنجو مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿي ويندي، ان معاملي تي ظهير اقبال جي پيءُ وضاحت ڏني آهي.
اداڪار ظهير جي پيءُ اقبال چيو ته منهنجي ٿيڻ واري ننهن سوناڪشي مذهب تبديل نه پئي ڪري ۽ اها ڳالهه يقيني آهي، سوناڪشي ۽ منهنجي پٽ جي دلين جو اتحاد ٿي رهيو آهي ۽ ان ۾ مذهب جو ڪو ڪردار ناهي.
هن چيو ته شادي ۾ نه هندو ۽ نه مسلمان رسمون ادا ٿينديون، هيءَ مڪمل طور تي مختلف شادي هوندي.

sonakshisinha zaheeriqbal bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.