راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪرم ضلعي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ حياتي قربان ڪندڙ سپاهي هارون وليم جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب سپاهي وليم هارون جون آخري رسمون سينيٽ پال چرچ راولپنڊي ۾ ادا ڪيون ويون، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ بچاءَ واري وزير آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم عيسائي برادري جي ملڪي ترقي ۾ خدمتن ۽ قربانين کي ساراهيندي چيو ته هٿياربند فوج مختلف پس منظر سان واسطو رکندڙ ماڻهن جو مجموعو آهي، جيڪو رياست جي اجتماعي دفاع لاءِ ڪوششن ۾ آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف سپاهي هارون وليم، سپاهي انوش ۽ ان جي ساٿين جي خدمتن کي ساراهيو.
آءِ ايس پي آر موجب حوالدار عقيل احمد، لانس لائيڪ محمد تفير، سپاهي انوش روفن ۽ سپاهي محمد اعظم خان جي تدفين سندن اباڻن علائقن ۾ ڪئي وئي.
ispr shahbazsharif pmln