سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1400 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 41 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1201 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 7 هزار 47 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 43 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2320 ڊالر في اونس آهي.

gold goldrate business

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.