ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي، 5 اهلڪار شهيد

راولپنڊي (م ڊ)خيبرپختونخواهه جي قبائلي ضلعي ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.آءِ ايس پي آر موجب  ڪرم ضلعي جي علائقي سده ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي کي بارودي سرنگ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا.شهيد ٿيندڙن ۾ اوڪاڙه جو 33 ورهين جو حوالدار عقيل احمد، پونچھ واسي 30 ورهين جو لانس نائيڪ محمد طفير، اٽڪ واسي 24 ورهين جو سپاهي انوش رفون، هري پور واسي 26 ورهين جو سپاهي محمد اعظم خان ۽ اسلام آباد جو رهواسي 29 ورهين جو سپاهي هارون وليم شامل آهن،

  1. سنڌ ڪابينا جي جوڊيشل الائونس فريز ڪرڻ وارو فيصلو معطل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ حڪومت پاران اسپيشل جڊيشل الائونس جاري نه ڪرڻ واري ڪيس جو عدالت محفوظ ڪيل  فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، عدالت جي رجسٽرار کي ٻن مهينن اندر عدالتي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته عدالت سنڌ ڪابينا جي جڊيشل الائونس فريز ڪرڻ وارو فيصلو به معطل ڪري ڇڏيو، عدالت گذريل ٻڌڻي تي عدالتي عملي کي اسپيشل جوڊيشل الائونس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.عدالت عدالتي عملي کي عدالتي الائونس جا بقايا ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو. علي رضا ميمڻ ۽ ڊاڪٽر خرم پاران عدالتي عملي کي جوڊيشل الائونس نه ملڻ خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

  1. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ينگ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جا هڙتال، مريض رلي ويا

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ينگ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي هڙتال جاري رهي، رحيم يار خان، بهاولپور، فيصل آباد ۽ سرگوڌا  جي سرڪاري اسپتالن جون او پي ڊيز بند رهيون. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ينگ ڊاڪٽرن جي هڙتال سبب مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ساهيوال واقعي ۾ ڊاڪٽرن جي گرفتاري ۽ خانيوال ۾ نرس جي گرفتاري خلاف هڙتال آهي.  ملتان جي نشترا اسپتال ۽ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جي سڏ تي ٻئي ڏينهن به هڙتال جاري آهي.  فيصل آباد ۾ الائيڊ سميت ٽيچنگ اسپتالن ۾ ينگ ڊاڪٽرز سراپا احتجاج آهن، جڏهن ته بهاولپور ۽ سرگوڌا ۾ ينگ ڊاڪٽرن آئوٽ ڊور سروسز جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.  احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر کي سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته خانيوال ۾ گرفتار نرس کي آزاد ڪيو وڃي، ساهيوال واقعي ۾ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

  1. نيپرا پاران بجلي جا نوان ٽيرف متعارف ،گهريلو صارفين تي ماهوار 200 کان هڪ هزار رپيا فڪسڊ چارجز لاڳو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) بجلي صارفين تي ماهوار 200 کان هڪ هزار رپيا فڪس چارجز لاڳو ڪيو ويو آهي جڏهن ته تجارتي صارفين تي مقرر چارجز 3 سئو سيڪڙو ۽ صنعتي استعمال تي 335 سيڪڙو تائين  واڌ ڪئي وئي آهي.نيپرا بجلي جا نوان ٽيرف متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪي پهرين جولاءِ کان لاڳو هوندا، 5 رهائشي صارفين جي بجلي جي بلن ۾ ماهوار يونٽس جي کپت جي حساب سان 200 کان هڪ هزار رپيا ماهوار چارجز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ اهڙي ريت ڪمرشل لاءِ 300 سيڪڙو صنعتي صارفين لاءِ 355 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي.ان سان ڊسڪوز کي مقرر چارجز ذريعي پنهنجي آمدني واڌائڻ ۾ مدد ملندي، ماهوار 301-400 يونٽ استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين پهرين جولاءِ 2024 کان 2 سئو رپيا ماهوار جي مقرر چارجز ادا ڪندا ۽ 401_500 يونٽ استعمال ڪندڙ 400 ادا ڪندا، جڏهن ته 501_600 تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 600 رپيا ادا ڪرڻا پوندا.رهائشي صارفين جيڪي 601_700 يونٽ استعمال ڪن ٿا اُهي ماهوار 800 رپيا ادا ڪندا ۽ 700 يونٽ کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ وارا ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا.ٽي او يو ( ٽائيم آف يوز ) ميٽر استعمال ڪندڙ رهائشي صارفين به ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ڪندا.5 ڪلو واٽ کان گهٽ لوڊ وارن ڪمرشل صارفين به ماهوار هڪ هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا جڏهن ته 5 ڪلو واٽ يا ان کان وڌيڪ لوڊ وارا بجليءِ جا ڪمرشل صارفين هاڻ موجودا 500 کان 2 هزار رپيا ادا ڪندا جنهن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪئي وئي آهي. ٽي او يو ميٽرنگ تحت 25 ڪلو واٽ تائين استعمال ڪندڙ صنعتي صارفين جيڪي بي ون ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا اهي هڪ هزار رپيا ادا ڪندا جڏهن ته بي ٽو ڪيٽيگري وارن صارفين 500 ڪلو واٽ تائين فڪسڊ چارجز ۾ 300 سيڪڙو اضافو ڏسندا ڇو جو اُهي هاڻي 5 رپيا ماهوار مقرر چارجز بدران 2 هزار رپيا ادا ڪندا.5 هزار ڪلو واٽ استعمال ڪندڙ بي ٿري ڪيٽيگري جي صنعتي صارفين 460 رپيا ماهوار کان 335 سيڪڙو واڌ سان ٻه هزار رپيا مقرر چارجز ادا ڪندا.

  1. حڪومت جو افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب واپاري واري وزارت کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جي تجويز تيار ڪرڻ ۽  اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري جي هدايت ڪئي وئي.ذريعن ٻڌايو ته وزير اعظم هدايت ڪئي آهي ته واپار واري وزارت افغانستان جي حقيقي امپورٽ ضرورتن کان آگاهه ڪري.وزير اعظم حڪم ڏنو آهي ته زرعي ڀاڻ، کنڊ سميت ٻين شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.وزير اعظم واپار واري وزارت کان هڪ مهيني اندر رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.ٻئي پاسي حڪومت اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ بارڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي گهرو وزارت کي بارڊر ڪنٽرول اٿارٽي جي قيام بابت ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.