سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 هون پاڻي جي تيز وهڪري سبب لوھ جو قديمي گيٽ درياھه ۾ ڪري پيو 47 گيٽ ڪرڻ جي تيز ڌماڪي سان ڀرسان 44 نمبر گيٽ به ڪري پيو، سکر بئراج کي گهڻو نقصان پهتو سکر بئراج تي غير اعلانيل ايمرجنسي لاڳو ڪيو ويو، بئراج انتظاميا پاران ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ انجيئنر فوري طور طلب ڪيا ويا ۽ پاڻي جي تيز وهڪري کي روڪڻ لاءِ سکر بئراج جا 15 گيٽ کولي ڇڏيا آهن جيئن تيز وهڪري کي روڪي پاڻي گهٽجي ۽ مرمتي ڪم سان تيزي سان جاري هلي سگهي ، ايمرجنسي جي حالت ۾ پهتل سپريڊنٽ انجيئنر فياض شاھ ٻڌايو ته گيٽ 47 هون وڏو وڻ ڦاٿو ۽ 44 گيٽ کي به ان ڪري نقصان پهتو آهي ڪجھه تڪيلف ٿئي رهي آهي ۽ بئراج جو اسٽرڪچر محفوظ آهي خطري جي ڳالھه ڪا به ناهي ڪجھه ڏينھن اندر گيٽ جي ڪم کي مڪمل ڪيو ويندو، اسان جي ڪوشش جاري آهي. هوڏانهن سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 کي ٿيل نقصان جو صوبائي وزير ڄام خان شورو نوٽيس ورتو.
-
گيٽن کي نقصان سبب ليفٽ ۽ رائٽ بئنڪ ڪئنالن کي پاڻي فراھمي بند رهندي:ڄام خان شورو
سکر: صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو جو چوڻ آھي ته گيٽ نمبر 47 ۽44کي نقصان پھتو آھي گيٽن جي مرمت جو ڪم ھلڻ جي ڪري ليفٽ بئنڪ ۽ رائٽ بئنڪ ڪئنالن کي فلحال پاڻي جي فراھمي نه ٿي سگھندي ۽ پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو پيو وڃي.گيٽ نمبر 47 ۽ 44 واري ڪم سبب عوام آبادگارن ھارين کان معذرت خواھه آھيون ۽ ايس او پي تحت متاثر گيٽ تي پاڻي جو دٻاءُ نه ٿي ان جي لاءِ پاڻي ڊائون ۾ ڇڏيو ويو آھي، سمورا گيٽ کوليا ويا آھن ته جيئن بئراج جي ڍانچي کي ڪو نقصان نه پھچي متبادل گيٽ ھڻڻ جي لاءِ ڪوششون نه ڪري رھيا آھيون ته جيئن پاڻي جي سطح جلدي گھٽ ٿي. سکر بئراج تي ھڪ کسان گيٽ موجود آھي ھڪ پراڻي کسان گيٽ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون.صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙو سکر بئراج جو دورو ڪيو گذريل ڏينهن جي تيز طوفاني بارش کانپوءِ گيٽن کي پيل نقصان جو جائزو ورتو .ان موقعي تي ميئر سکر ارسلان اسلام الدين شيخ ،چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهھ، ايم ڊي سيڊا ،ايم ڊي سوات ، چيف انجنئير سکر بئراج ۽ لاڳاپيل آفيسر پڻ گڏ ھئا.
-
بئراجن جي صفائي، مرمت نالي صرف ڪرپشن ڪئي وئي آهي:اياز لطيف
حيدرآباد (پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي سکر بئراج جا دروازا ٽٽي لڙھي وڃڻ ۽ سخت خطرو پيش اچڻ واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي ان کي پيپلز پارٽي جي ڪرپشن جو نتيجو قرار ڏنو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آهي ته بئراجن جي صفائي، مرمت، بند مضبوط ڪرڻ، واھن ۽ شاخن جي کاٽي جي نالي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ جي دولت ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪئي وئي آھي. آبپاشي کاتو سنڌ کي ملندڙ پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار بڻيل آھي، سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو، اھو پاڻي پ پ وزير ۽ طاقتور حڪومتي وڏيرا ڌاڙو ھڻي کڻي وڃن ٿا ۽ پنھنجون ھزارين ايڪڙ قبضا ڪيل زمينون آباد ڪن ٿا، ٻئي طرف ننڍا آبادگار ۽ حڪومتي پاليسين جا مخالف آبادگار انتقام طور پاڻي کان محروم ڪيا ويا آھن، جنھنڪري آباد زمينون ڀڙڀانگ ٿي رھيون آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته شاخن ۽ واھن جا بند مضبوط ناھن. درياھه جي بندن جي پيچنگ نٿي ٿئي. سکر بئراج سميت اڪثر پلون ۽ بئراجون ڪمزور ٿي ويون آھن. انھن جي مرمت نٿي ٿئي. انھن جي مضبوطي جو ڪم نٿو ٿئي. نااھل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي ڪرپشن کانسواءِ ڪو ٻيو خيال نٿو اچي. سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ آڻي ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي. سکر بئراج جي ٽٽل دروازن کي بحال ڪيو وڃي. نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
سکر جي ڪمشنر پاران بئراج جو دورو، انتظاميا پاران بريفنگ
سکر: ڪمشنر سکر ڊويزن فياض حسين عباسي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سان گڏجي رات دير سان سکر بئراج پهتو جتي ڪمشنر سکر کي بئراج انتظاميه پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي گهڻي ڇوڙ دوران تيز هوائن سبب سکر بئراج جو گيٽ نمبر 47 ٽٽي ويو، جڏهن ته گيٽ نمبر 44 پڻ متاثر ٿيو آهي، اهي ٻئي دروازا هڪ وڻ جي ڪرڻ سبب متاثر ٿيا آهن، انهن کي هٽائڻ جو ڪم جاري آهي جڏهن ته متاثر ٿيل دروازن کي هٽائي پاڻي جي وهڪري کي گهٽ ڪري متبادل دروازو لڳايو ويندو.
-
سکربئراج جي گيٽ بعد ايريگيشن ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو وڌائي ڇڏيو
سکر: سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 ٽٽڻ ۽44 ٽيڙو ٿيڻ بعد ايريگيشن انتظاميا ھنگامي بنيادن تي درياءَ جي اپ اسٽريم جي 7فوٽ پانڊ ليول جو پاڻي گھٽ ڪري ڊائون اسٽريم ۾ 57ھزار ڪيوسڪ پاڻي وڌائي 1لک ڪيوسڪ ڪري ڇڏيو ويو آھي. ھن وقت بئراج جا 6 ڪئنال جنھن ۾ روھڙي ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپور فيڊر ايسٽ ويسٽ،رائيس ڪئنال، کيرٿر ڪئنال پاڻي گٽھجڻ سبب 50 سيڪڙو متاثر ٿيا آھن ڪئنالن جو 50ھزارڪيوسڪ پاڻي گھٽائي 24ھزار ڪيوسڪ ڪيو ويو آھي ايريگيشن انتظاميه جو چوڻ آھي ته متاثر گيٽن جي بحالي تائين بئراج مان نڪرندڙ کاٻي ۽ ساڄي پاسي جي ڪئنالن کي پاڻي جي فراھمي گھٽ رھندي.ھن وقت سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿاھون وھڪرو 1لک6ھزار316ڪيوسڪ ھيٺاھون وھڪرو 1لک1ھزار736ڪيوسڪ آھي جڏھن ته کيرٿر ڪئنال ۾ 1400ڪيوسڪ، رائس ڪئنال ۾ 4550 ڪيوسڪ دادو ڪئنال ۾ 900ڪيوسڪ نارا ڪئنال ۾ 10000، ڪيوسڪ، روھڙي ڪئنال ۾ 7000ڪيوسڪ خيرپور فيڊر ايسٽ ۾ 830ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آھي.
-
آبپاشي يونين اڳواڻ پاران گيٽن کي نقصان پهچڻ جو ذميوار چيف ۽ ايگزيڪٽيو انجنيئرز قرار
سکر: آبپاشي يونين اڳواڻ عبدالرحيم ڀارو سکر بئراج جي گيٽن کي پهتل نقصان جو ذميوار سکر بئراج جي چيف ۽ ايگزيڪٽيو انجنيئرن کي قرار ڏئي ڇڏيو آھي.هن چيو آهي ته گيٽن کي نقصان پهچڻ جو ذميوار سکر بئراج جو چيف ۽ ايگزيڪٽيو انجنيئرن آهن جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.