ڪرامت جو وڇوڙو پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي مزدور تحريڪ لاءِ وڏو نقصان قرار

ڪراچي (رپورٽر) ايشيا يورپ پيپلز فورم پاران پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (PIlER) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪرامت علي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، ايشيا يورپ پيپلز فورم جو چوڻ آهي ته ڪرامت علي پورهيتن، عورتن ۽ ٻين مظلوم طبقن جي حقن لاءِ اڻٿڪ وڪيل هو. ڪرامت علي جو وڇوڙو پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي مزدور تحريڪ لاءِ وڏو نقصان آهي،  ڪرامت علي پورهيت طبقي جو هڪ سرشار اڳواڻ هو، جيڪو ڪراچي جي ٽريڊ يونين تحريڪ کان وٺي، ماهيگيرن جي حقن، سماجي انصاف ۽ برصغير ​​۾ امن لاءِ جمهوري تحريڪن سميت تمام ترقي پسند تحريڪن ۾ شامل رهيو. ڪرامت علي ڪڏهن به ڏکين حالتن مان پوئتي نه هٽيو، جنهن سبب هن ڪيترائي ڀيرا جيل توڙي ظلم کي منهن ڏيڻو پيو، ڪرامت علي اسان جي دور جو هڪ گمنام هيرو آهي، هو پاڪستان فشر فوڪ فورم، پيپلز سارڪ ۽ سائوٿ ايشيا الائنس فار پاورٽي ايريڪيشن جو باني هو،ڪرامت هڪ سچو ڏکڻ ايشيائي هو، جيڪو مسلسل ڏکڻ ايشيائي قومن جي وچ ۾ اتحاد ۽ آزاد تحريڪ جو حامي رهيو، ملٽريزم ۽ سامراج جي مخالفت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.