ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ايشا ڪوپيڪر دعويٰ ڪئي آهي ته کيس فلم انڊسٽري جي پهرئين جوڙ جي اداڪار اڪيلائي ۾ ملڻ جو چيو هو.
ايڪهين صديءَ جي شروعات ۾رليز ٿيندڙ فلم فِضا ۾ هڪ ننڍڙي ڪردار ذريعي بالي ووڊ ڊيبيو ڪندڙ ايشا ڪوپيڪر هڪ انٽرويوءَ دوران ڀنل اکين سان ٻڌايو ته جنهن وقت اِهو واقعو پيش آيو هن وقت سندس عمر صرف 18 ورهيه هئي.
هن چيو ته هڪ اداڪار جي سيڪريٽري مون کي چيو ته جيڪڏهن اوهان فلمن ۾ ڪم ڪرڻو آهي ته اوهان کي اداڪارن سان دوستاڻو انداز اختيار ڪرڻو پوندو.
ايشا چيو ته اوهان وٽ ڪيتري صلاحيت آهي بالي ووڊ ۾ اِهي شيون غير اهم آهن، فلم ۾ اوهان جو ڪهڙو هوندو ان جو فيصلو هيرو ۽ ٻيا اداڪار ڪندا آهن.
سندس چوڻ هوته بالي ووڊ انڊسٽري ۾ جاري اهڙي رويي سبب ڪيئي ادڪارائون فلم نگري کي هميشه لاءِ الوداع چئي ڇڏيو.
ايشا فضا کانسواءِ ڊرنا منع هي، پنجر، ايل او سي ڪارگل، ڪرنشا ڪاٽيج ۽ ڊان جهڙين فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
You might also like