روم (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اٽليءَ ڪمپنين لاءِ پرڏيهي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ آسان بڻائي ڇڏيو آهي. اٽلي جي حڪومت پنهنجي ’يورپي يونين بليو ڪارڊ‘ اسڪيم جا ضابطا تبديل ڪري ڇڏيا آهن جنهن کان پوءِ هن اسڪيم تحت پرڏيهي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ جون خواهشمند ڪمپنيون هاڻي نئين متعارف ڪرايل ”سروسز پورٽل“ ذريعي آن لائن به درخواستون وٺي سگهن ٿيون.
پرڏيهي ڪارڪنن ۽ اطالوي ملازمن لاءِ ڀرتي جي عمل کي آسان ڪرڻ لاءِ پورٽل اٽلي جي حڪومت پاران متعارف ڪرايو ويو آهي.
سروسز پورٽل انهن ڪمپنين ۽ ڪاروبارن لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪي اعليٰ تعليم يافتا پرڏيهي ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ چاهين ٿا.
هن پورٽل تي ضرورتن موجب خالي جاين جو اشتهار ڏنو ويندو ۽ پوءِ قابليت جي بنياد تي ڀرتي ڪئي ويندي.
هتان چونڊيل ملازم کي غير يورپي ملازم طور بليو ڪارڊ ڏنو ويندو، اهو ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليم ۽ فيلڊ ۾ پنجن سالن جو تجربو هجڻ گهرجي.
Rome Itly ItalianJobs