حڪومت جو افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي حڪومت افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب واپاري واري وزارت کي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي نظرثاني جي تجويز تيار ڪرڻ ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري جي هدايت ڪئي وئي.
ذريعن ٻڌايو ته وزير اعظم هدايت ڪئي آهي ته واپار واري وزارت افغانستان جي حقيقي امپورٽ ضرورتن کان آگاهه ڪري.
وزير اعظم حڪم ڏنو آهي ته زرعي ڀاڻ، کنڊ سميت ٻين شين جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
وزير اعظم واپار واري وزارت کان هڪ مهيني اندر رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي.
ٻئي پاسي حڪومت اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ بارڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي گهرو وزارت کي بارڊر ڪنٽرول اٿارٽي جي قيام بابت ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي.
Pakistan Afghanistan TransitTrade

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.