اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جا ڪجهه ماڻهون پي ٽي آءِ ۾ رکيل آهن، جيڪي جيل ۾ عمران خان سان به ملڻ وڃن ٿا. حنيف عباسي خانگي چينل کي انٽرويو ڏيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن جي حوالي سان چيو ته رئوف حسن جيڪڏهن اسان جو ماڻهو آهي ته اسان جي ڪمن جي واکاڻ ڪري، رئوف حسن جهيڙن ماڻهن جي عياشي لڳي پئي آهي، روز هر ٻي پارٽي ۾ شموليت ڪندا رهندا اهن، هن وڌيڪ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته رئوف حسن اسان جي ڪم ايندو هجي، اسان پنهنجو ماڻهو رکرائي ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ کي خبر ئي ناهي پوندي ۽ رئوف حسن اسان لاءِ ڪم ڪري به ڇڏيندو آهي، جيئن تازو عمران خان جي ٽويٽر هينڊل بابت ٻڌايو اٿس، هن وڌيڪ چيو ته اسان به اها ئي ڳالهه ڪيون ٿا ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ واري جماعت آهي، جنهن جي تصديق رئوف حسن ڪري رهيو آهي، حنيف عباسي چيو ته هو نالا نه ٿو کڻي پر هنن جا پي ٽي آءِ ۾ ماڻهو رکيل آهن، جيڪي جيل ۾ عمران خان سان به ملڻ وڃن ٿا، جن کي پئسا ته نه پيا ڏيون پر هنن کي اميد آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور بڻايو ويندو، فضل الرحمان ۽ محمود چڪزئي جي حوالي سان هن چيو ته فضل الرحمان ۽ محمود چڪزئي کي ڏسي وٺو، ڪي اصول هئڻ گهرجن، هي ٻئي ڄڻا هن جي جهول ۾ ويهڻ کان اڳ عمران خان سان معافي ته وٺرائن ها، پي ٽي آءِ باني جي جيل مان نڪرڻ بابت سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل مان نڪرندو نظر نه پيو اچي، هاڻ توشه خاني ٽو باني پي ٽي آءِ لاءِ سرپرائز ڪيس هوندو.