سنڌ اسيمبلي: صحت شعبي جي ڪارڪردگي سواليه آهي: متحده ميمبر

ڪراچي(رپورٽ:محمدعلي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 25-2024 تي بحث جي شروعات، سرڪاري ميمبرن بجيٽ کي  عوامي  بجيٽ قرار ڏئي ڇڏيو، مخالف ڌر جي ميمبرن بجيٽ کي رد ڪندي ان کي انگ اکرن جي راند ڪوٺيو آهي،جڏهن ته حڪومتي ڪارڪردگي تي حڪومتي توڙي مخالف ڌر ميمبرن سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي اولين ترجيح صحت ۽ تعليم جي حالت انتهائي خراب آهي، حڪومت ته عوام کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به فراهم نه ڪري سگهي آهي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي سهراب سرڪي ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار قابل قبول بجيٽ پيش ڪندي چيو ته سندس تڪ ۾ هڪ لک 27 هزار گهر ٺهي رهيا آهن، پ جي تنيزيله ام حبيبه  ۽ حسن علي شاهه بجيٽ کي عوامي ڪوٺيندي چيو ته پ پ سنڌ جي ترقي چاهي  ٿي، آزاد اميدوار سربلند خان چيو ته سنڌ سرڪار بلديه ۾ پاڻي ۽ بجلي جو مسئلو حل نه ڪري سگهي آهي، پ پ جي ياسمين شاهه بجيٽ تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار کي صحت ۽تعليم جي شعبن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سندس تڪ ۾ 100 ٻارن تي هڪ استاد آهي، بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ تعليم جا مسئلا حل ڪيا وڃن، هن چيو ته بدين جي سول اسپتال جو معيار به سٺونه آهي، انڊس اسپتال بدين ۾ معياري ڪم نه پئي ڪري، هن چيو ته بدين ۾ به اين آءِ سي وي ڊي هجڻ گهرجي، ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايم ڪيو ايم جي، راشد خلجي بلقيس مختار، محمد دلاور ۽  عبدالباسط بجيٽ کي زميني حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته بجيٽ ۾ ڪراچي جي منصوبن کي اهميت ئي نه ڏني وئي آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻي جا مسئلا آهن،سماجي ڀلائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن تي به نظر رکي وڃي، هنن چيو ته سنڌ سرڪار وٽ گهوسٽ ملازمن جو وڏومسئلوآهي،  اسڪولن ۾ باٿ روم ناهن، پيئڻ لاءِپاڻي نه آهي، پ پ جي فاروق اعواڻ به سرڪار تي تنقيدڪندي چيوته ايس آءِيو ٽي ۽ انڊس اسپتال لاءِ  28 ارب رپيا رکياويا آهن، جنهن اين جي او وٽ ريجنٽ پلازه خريدڻ لاءِ ساڍا 14ارب رپيا آهن ته پوءِ ان اين جي اوز کي گهرجي ها ته اها هر ضلعي ۾ زمين وٺي اتي يونٽ ۽ اسپتالون ٺاهي ها، انڊس اسپتال جي ملازمن جي پگهار ئي ساڍا 5 ارب رپيا آهي، هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته نوجوانن جي ٽيڪنيڪل تعليم لاءِ بجيٽ رکي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.