ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو جي 71 ھين سالگرهه اڄ سڄي ملڪ ۾ جوش ۽ جذبي سان ملھائي پئي وڃي. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو پاران اڄ 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جون تقريبون سنڌ جي سڀني ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آھي جڏهن ته سالگرهه جو ڪراچي ڊويزن سطح جو جلسو لياريءَ ۾ ٿيندو. جنهن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو. پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽي اڄ 21 جون تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه سنڌ جي هر ضلعي ۾ ملهائيندي جڏهن ته سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي ڊويزن سطح جو لياريءَ ۾ وڏو جلسو ٿيندو جنھن بابت سڀئي انتظام ڪيا ويا آھن. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ جا ضلعي صدر ۽ ٻيا پارٽيءَ جا عهديدار ۽ ذميوار پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جون تقريبون ڀرپور نموني منعقد ڪن. هن چيو ته سالگرهه تقريبن ۾ ڪيڪ ڪٽيا ويندا ۽ شهيد بي بي کي جمهوريت، ملڪ ۽ عوام لاءِ ڏنل قربانيءَ جي بدولت ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته هر ضلعي ۾ ٿيندڙ سالگرهه تقريبن ۾ ضلعي، تعلقن، يوسيز ۽ وارڊ سطح تائين پارٽيءَ جا سڀئي عهديدار، سڀئي بلدياتي نمائندا، پارٽيءَ جا ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرز، سي اِي سي، فيڊرل ڪائونسل جا ميمبر، ميئر، ڊپٽي ميئر، ضلعي ڪائونسل جا چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سڀني ذيلي ونگن جا عهديدار ۽ پارٽي ورڪر ڀرپور شرڪت ڪن.