شهيد نصرالله جي امڙ ۽ گهرڀاتين کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ، عوامي آواز بدين جي رپورٽر کي ڌمڪيون

ميرپورماٿيلو(رپورٽ: پريم راٺوڙ)عوامي آواز جي رپورٽر شھيد نصرالله جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلي ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ گرفتار جوابدار اصغر ولد ھوت لنڊ کي پوليس پاران ڪورٽ سڳوري ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت سڳوري ۾ ڪيس جي فريادڻ شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي پنهنجي پٽ يعقوب گڏاڻي سميت پيش ٿي، قتل جو ڪيس ھلائيندڙ  وڪيل صاالدين پنھور پڻ پيش ٿيو، جڏهن ته گرفتار ڪيل جوابدار اصغر ولد ھوت لنڊ کي ٽيون ڀيرو چار ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس قتل ۾ ملوث ڄاڻايل باقي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رھي ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر ذوالفقار مھر عدالتي حڪم باوجود رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، جڏهن ته ڪورٽ سڳوري پاران ايندڙ ٻڌڻي 24 جون سومر ڏينهن تي رکي وئي آهي. هوڏانهن نصرالله گڏاڻي جي قتل جو ڪيس ھلائيندڙ وڪيل صلاح الدين پنھور عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جوابدار جي وڌيڪ 4 ڏينهن جي رمانڊ منظور ڪري ورتي آهي، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته وارثن کي حراسان ڪيو پيو وڃي جنهن لاءِ ڪورٽ پاران ايس ايس پي گهوٽڪي کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ ايندڙ ٻڌڻي 24 تاريخ تي اسان بيان 164 ڪرائينداسون ۽ سڀ حقيقتون ٻڌائينداسين. سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيل عبدالرزاق مھر ۽ وڪيل عبدالله گهوٽو عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي ھڪ گھوٽڪي ضلعي جو نه پر سموري سنڌ جو آواز ھو، ھنن وڌيڪ چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ اھڙي قسم جا واقعا اڳ به ٿيندا رهيا آهن پر وڏيرن ۽ پوليس جي مدد سان دٻايا ويا پر ھينئر نصرالله گڏاڻي جيڪا قرباني ڏئي ويو آهي، لڳي ٿو ته هن جي قرباني ذيان نه ٿيندي.

عوامي آواز بدين جي رپورٽر رازق ڏنو کوسي کي ڌمڪيون

بدين (ڊ ر)عوامي آواز جي رپورٽرن کي هراسان ڪرڻ وارو معاملو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، مظلوم جي آواز کي دٻائڻ جو سلسلو جاري آهي.عوامي آواز ميڊيا گروپ بدين جي رپورٽر ۽ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ضلعي بدين جي عهديدار رزاق ڏنو کوسو کي گارگند ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.عوامي آواز جي رپورٽر رازق ڏنو کوسو جو چوڻ آهي ته اسان جي قلم کي ڪير به روڪي نٿو سگهي.گذريل ڏينهن رزاق ڏنو کوسو کي اڻڄاتل شخص موبائل تي فون ڪري نالو وٺي، گارگند ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون، رازق ڏنو کوسو پاران کانئس پڇيو ويو ته هو ڪير آهي ۽ ڇو گاريون ڏئي ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي تنهن تي به اڻڄاتل شخص گارگند ۽ ڌمڪين جو سلسلو جاري رکيو.رزاق ڏنو کوسو عوامي آواز سان ڳالهائيندي  چيو ته گارگند ڪندڙ جو نمبر مون محفوظ ڪري ورتو آهي، جلد قانون موجب ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏني ويندي.هوڏانهن حيدرآباد يونين آف جرنسلٽس جي صحافين ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آهي ته رازق ڏنو کوسو کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

خليل جبران جي قتل جي آزاد جاچ ڪرائي وڃي: ايڇ آر سي پي

لاهور(م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان ڪي پي جي صحافي خليل جبران جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته  صحافي خليل جبران جي قتل ۾ ملوث ماڻهن جو احتساب ڪيو وڃي،پريس کي زندگي جي خطرن کان آزاد ٿي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏنا وڃن،ايڇ آر سي پي خليل جبران جي قتل جي فوري ۽ ڀرپور تحقيقات جي گهر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.