” پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيان ها“ مائيڪل وان جا پنهنجي بيماري بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر مائيڪل وان انڪشاف ڪيو آهي ته هو هڪ خطرناڪ بيماري جو شڪار ٿي ويو هو.
مائيڪل وان هڪ انٽرويوءَ ۾ پنهنجي بيماري جو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هو ذهني دٻاءُ ( ڊپريشن ) سبب جسماني مسئلن جو شڪار ٿي ويو هو ۽ پنهنجي شرٽ جا بٽڻ ۽ جوتن جون ڪهيون به نه ٻڌي سگهندو هو، جڏهن ته پاڪستان جي آسٽريليا خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ دوران ان بيماري شدت اختيار ڪري وئي هئي.
هن چيو ته مان مائيڪرو فون به نه کڻي سگهندو هئس، ڪامينٽري باڪس کان ميلبورن استپال نيو ويو، واپس انگلينڊ اچي سي ٽي اسڪين ڪرايو جنهن ذريعي جسم ۾ اسٽريس هارمونز جو پتو پيو، سَنڌن ۾ سخت سور هو، جيڪڏهن منهنجي عمر اسي ورهيه هجي ها ته پاڻ کي گولي هڻي ڇڏيان ها.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته جيئن ذهني صحت جي نشاندهي ڪرڻ مشڪل هوندو آهي اهڙي ريت ان بيماري بابت خبر به ناهي پوندي، هيءَ بيماري اِهو ناهي ڏسندي ته مان انگلينڊ جو ڪپتان رهي چڪو آهيان، اِها بيماري ڪنهن به وقت ڪنهن به حالت ۾ ۽ ڪنهن کي به ٿي سگهي ٿي.
مائيڪل وان وڌيڪ چيو ته ڪيئي ڀيرا مان ٻاهر نه نڪري سگهندو هئس ڇو ته مان شرمسار ٿيندو هئس جڏهن ته ڪار ۾ سفر ڪرڻ انتهائي ڏکيو بڻجي ويو هو، مون علاج ڪرايو پر مان نٿو ڄاڻان ته پهريان کي وڌيڪ مضبوط آهيان يا ڪمزور ٿي ويو آهيان.

MichaelVaughan mentalhealth depression

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.