سلمان خان سوناڪشي جي سهري جو قرضي آهي؟

سلمان خان سوناڪشي جي سهري جو قرضي آهي؟

بالي ووڊ اداڪار سلمان خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن ماضي ۾ سوناڪشي سنها جي سهري اقبال رتنسي کان قرض ورتو هو.

سوناڪشي سنها 23 جون تي ظهير اقبال سان شادي ڪرڻ واري آهي، جنهن جو هڪ مبينا آڊيو دعوت نامو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي چڪو آهي.

ظهير اقبال رڳو هڪ اداڪار آهي پر سپر اسٽار سلمان خان جي ننڍپڻ جي دوست اقبال رتنسي جو پٽ آهي، جيڪو پيشي جي لحاظ کان سونارو آهي.

ڀارتي  خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماضيءَ ۾ سلمان خان پنهنجي ويجهي دوست اقبال رتنسي کان ڪجهه پئسا ورتا هئا.

سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ سڀني جي مالي مدد ڪندڙ سلمان خان به ڪنهن جو قرضدار ٿي سگهي ٿو، پر سلمان خان پاڻ ڇهه سال اڳ 2018ع بابت سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ جاري ڪندي ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي.

سلمان خان پوسٽ ۾ لکيو آهي ته اقبال منهنجو ننڍپڻ جو دوست آهي ۽ هو منهنجي جوانيءَ ۾ منهنجي لاءِ ڄڻ بئنڪ هو.

سلمان اهو به لکيو آهي ته هو اڃا تائين اقبال جو 2011 رپين جو قرضي آهي ۽ خدا جو شڪر آهي ته هن مونکان انهي جو وياج نه گهريو.

Salmankhan Sonakshi Defaulter

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.