ميسجنگ اپليڪيشن واٽس ايپ واهپيدارن جي مٿي جو سور ختم ڪرڻ لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي رهيو آهي.
واهپيدار جيڪڏهن تصويرن ۽ وڊيوز موڪلڻ کان پهريان ايڇ ڊي جي آپشن تي ڪلڪ نه ڪن ته انهن جا پڪسلسز ڦاٽي پوندا آهن، جن سان فوٽو ڪوالٽي خراب ٿي ويندي آهي.
پر هاڻ اهڙي ڏکيائي مان جلد ئي جان ڇڏائي ويندي، ڇو ته واٽس ايس هڪ زبردست فيچر تي ڪم شروع ڪيو آهي.
رپورٽس موجب اهو دلچسپ فيچر واهپيدارن کي هاءِ ڊيفينيشن (HD) سان ميڊيا جي ڊفالٽ معيار طور تصويرون موڪلڻ جو قابل بڻائيندو، جنهن سان هر تصوير لاءِ ايڇ ڊي آپشن تي ڪلڪ نه ڪرڻو پوندو.
انهي فيچر جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل ته شيئر ناهن ڪيا ويا پر ايترو ضرور ٻڌايو ويو آهي ته ايپ انهي فيچر تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.
Meta Whatsapp Newfeatures
You might also like