چين پاڪستان جي سفارتي حيثيت گھٽائي ڇڏي؟

اسلام آباد/لاهور ( معظم فخر) چين پاڪستان سان پنھنجن سفارتي تعقاتن کي نيئن سر ترتيب ڏيندي پاڪستان جي سفارتي حوالي اھميت گھٽائي ڇڏي آھي، سفارتي تعلقاتن جي صف بنديءَ ۾ چين ھاڻي پاڪستان سان پنھنجن سفارتي تعلقاتن کي” وڏي ترجيح“ مان گھٽائي ” هڪ ترجيح“ واري درجا بنديءَ ۾ آڻي بيھاريو آھي. چين حڪومت پاران کنيل اھڙو قدم انتھائي وڏي سوچ ويچار بعد کنيو ويو آھي، چين پاران پاڪستان جي سفارتي حيثيت ۽ اھميت ۾ گھٽتائيءَ  واري فيصلي جا انتھائي منفي اثر پاڪستان جي معيشت تي پوڻ انتھائي اڻٽر آھن. پاڪستان جي سفارتي حيثيت گھٽائڻ متعلق چين جو اھڙو فيصلو ھڪ بين الاقوامي رسالي ڊپلوميٽ ۾ شايع ٿيل ھڪ آرٽيڪل جي ذريعي منظر عام تي آيو آھي، ڊپلوميٽ رسالي متعلق عالمي سطح تي ھڪ راءِ آھي تھ ان ۾ جيڪو بھ آرٽيڪل شايع ٿيندو آھي اھو انتھائي ڇنڊ ڇاڻ  بعد ۽ حقيقتن جي آڌار تي  شايع ٿيندو آھي. ڊپلوميٽ رسالي ۾  شايع ٿيل اھڙي مضمون جو عنوان آھي ” ڇا“، پاڪستان ۽ چين جي تعلقاتن ۾ ھاڻي ڪڙاڻ اچي رھي آھي“، ڊپلوميٽ ميگزين چين جي ايشيا پيسيفڪ ريجن جي تعلقاتن سميت چين جي دنيا سان تعلقاتن کي وڏي باريڪ بينيءَ سان ڪور ڪندو آھي، مضمون ۾ 2012ع کان وٺي 2024ع تائين جي وچ وارن سالن دوران چين ۽ پاڪستان جي سياسي ۽ اقتصادي تعلقاتن کي بنياد بڻائيندي ڪافي ڳالھيون تفصيل سان چيون ويون آھن. پاڪستان متعلق چين جي سفارتي پاليسيءَ متعلق مختلف حلقن ۾ مختلف تبصرا ٿي رھيا آھن، جڏھن تھ چين جي اھڙي فيصلي جي مکيھ سببن ۾ تحريڪ انصاف جي انھن سياسي سرگرمين جو ھٿ وڏي اھميت رکي ٿو جيڪي سي پيڪ جي منصوبي جي اڳڀرائيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجنديون رھيون آھن، خاص ڪري عمران خان جي 126 ڏينھن وارو ڌرڻو جڏھن چين جو صدر جي پينگ پاڪستان اچي سي پيڪ منصوبي جو افتتاح ڪرڻ پيو چاھي پر ائين نھ ٿي سگھيو، مضمون ۾ اھو بھ چيو ويو آھي تھ ان ڏينھن کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين پاڪستان سياسي افراتفري جو شڪار آھي. چين جي ھاڻوڪي فيصلي تي تحريڪ انصاف جي حلقن جو چوڻ آھي تھ چين اھڙو  فيصلو پاڪستان جي پرڏيھي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي چين جي دوري سبب بھ ڪيو آھي، جنھن متعلق چين پاڪستان کي اڳواٽ ئي اطلاع ڪيو ھو تھ اسحاق ڊار کي پاڪستان جي دوري کان پري رکيو وڃي. جڏھن تھ تحريڪ انصاف جي ٽيم اھا بھ پروپيگنڊا ڪندي رھي ٿي تھ پاڪستان جو ھاڻوڪو چين جو دورو ناڪام دورو آھي جنھن دوران چين پاڪستان سان نھ تھ ڪو معاھدو ڪيو آھي ۽ نھ ئي پاڪستان کي ڪا امداد ڏني آھي. جڏھن تھ چين پاڪستان کي دوري دوران اھو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تھ جيستائين پاڪستان ۾ سياسي استحڪام نھ ايندو ۽ امن امان قائم نھ ٿيندو ۽ چين جي فني عملي جو تحفظ يقيني نھ بڻايو ويندو تيستائين پاڪستان ترقي ڪري نھ سگھندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 20 جون 2024ع تي شايع ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.