ٽي 20 ورلڊ ڪپ: گوس جي مزاحمتي اننگز لڙهي وئي، ڏکڻ آفريڪا هٿان آمريڪا کي شڪست

انٽيگوا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ جاري آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ رائونڊ جر پهرئين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا آمريڪا کي 18 رنز سان شڪست ڏئي ڇڏي.
انٽيگوا جي نارٿ سائونڊ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ آمريڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي آمريڪا کي 195 رنز جو هدف ڏنو هو.
ڏکڻ آفريڪا مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنز اسڪور ڪيون.
جواب ۾ آمريڪا جي ٽيم مقرر اوورز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنز ٺاهي سگهي ۽ اهڙي ريت کيس 18 رنز تان شڪست ملي……
ڏکڻ آفريڪا جي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو .
ويو .

#T20WorldCup #SAvsUSA #SuperEight

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.