سينٽ لوشيا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي ٻي ميچ ۾ انگلينڊ ويسٽ انڊيز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
انگلش اوپنر فل سالٽ 87 ۽ جوني بئرسٽو 48 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏھن ڪپتان جوش بٽلر 25 ۽ معين علي 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
سينٽ لوشيا جي ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان جوش بٽلر ٽاس کٽي ويسٽ انڊيز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ويسٽ انڊيز دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي کٽڻ لاءِ 181 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.
ويسٽ انڊيز پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 180 رنسون ٺاهيون، جانسن چارلس 38 رنسون ٺاهي نمايان رھيو.
ان کانسواءِ برينڊن ڪنگ 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته نڪولس پوران 36 ۽ ڪپتان رومين پاول 36 رنسون ٺاهيون.
ويسٽ انڊيز طرفان ردرفورڊ 28 ۽ روماريو شيفرڊ 5 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.
انگلينڊ طرفان آرچر، عادل رشيد، معين علي ۽ ليونگسٽن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
شاندار بيٽنگ تي فل سالٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
#T20WorldCup #ENGvsWI #PhilSalt #SuperEight
You might also like