آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ زمبابوي جي دوري لاءِ ڀارتي ٽيم جي سينيئر رانديگرن کي آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ويرات ڪوهلي، روهت شرما، سوريا ڪمار، هاردڪ پانڊيا، جسپريت بمرا ۽ رشڀ پنت کي جولاءِ ۾ کيڏي ويندڙ 5 ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سيريز لاءِ ڀارتي ٽيم ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي رانديگرن کي ورڪ لوڊ مينيجمينٽ تحت آرام ڏنو ويندو، زمبابوي خلاف سيريز ۾ ريتو راج گيڪواڙ يا سنجو سيمسن کي ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جولاءِ ۾ زمبابوي جو دورو ڪندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 6 کان 14 جولاءِ تائين کيڏي ويندي.
#Cricket #BCCI #INDvsZIM
You might also like