پي ٽي آءِ ٻين ملڪن ۾ پاڪستان مخالف قانون سازي پئي ڪرائي: عقيل ملڪ

لاهور (بيورو) حڪومت جي قانوني معاملن واري ترجمان  بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته هڪ سياسي پارٽي ملڪ جا ٻين ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهي ٿي، ملڪ مخالف ايجنڊا جون سموريون ڪڙيون پي ٽي آءِ سان ملن ٿيون، اهڙين ڪاررواين ۾ تحريڪ انصاف جو ڪو به ثاني ناهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بئريسٽر عقيل ملڪ چيو ته هڪ سياسي پارٽي ملڪ کان وٺي ملڪ دشمن  ڪم ڪري رهي آهي، هن سياسي پارٽي حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، ملڪ دشمن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نٿو وٺي، سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، ملڪ مخالف ايجنڊا گذريل سال کان تيز ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.