اسلام آباد(تجزيو: اسد طور) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد تي اسٽيبلشمينٽ ڪاوڙيل آهي،ڇو ته هن راولپنڊي ۾ خطاب ڪندي چيو هو ته اسٽيبلشمينٽ جي عدليه ۾ مداخلت ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ان تقرير کانپوءِ کيس سپريم ڪورٽ مان رابطو ڪري گهرايو ويو، چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ سان سندس ملاقات ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهي، اهو به تاثر عام آهي ته جسٽس ملڪ شهزاد جي باغي روئي جي ڪري کيس سپريم ڪورٽ ۾ مقرري لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي،ملڪ شهزاد خلاف هڪ وڏي مهم شروع ڪئي وئي آهي، ان مهم ۾ اهو به چيو پيو وڃي ته جسٽس ملڪ شهزاد جي ڌيءُ جي گاڏي جي ٽڪر ۾ ٻن نوجوانن جو موت واقع ٿيو آهي، اهو 2022ع جو واقعو آهي، تڏهن ايف آءِ آر به داخل ٿي وئي هئي،اهو ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي،اوچتو ان معاملي کي نئون رنگ ڏئي سوشل ميڊيا تي هنگامو برپا ڪيو ويو آهي، اينڪر مطيع الله جان ان معاملي تي وڏا انڪشاف ڪيا آهن هن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دعويٰ ڪري ٿو ته هن جي دور ۾ عدليه ۾ ڪا به مداخلت ناهي جيڪڏهن ايئن آهي ته سرگوڌا جي دهشت گردي ٽوڙ عدالت جي جج آءِ ايس آءِ اهلڪارن تي فائرنگ ۽ ڌمڪين جو خط چيف جسٽس کي ڇو اماڻيو آهي؟ ٻيو ته لاهور حادثي ۾ هڪ نوجوان جي والد کان مون انٽرويو ڪيو هو ٻيو ڀيرو رابطو ڪرڻ تي ان نوجوان جي والد وٽ آءِ ايس آءِ جا اهلڪار ويٺل هئا ۽ اتي حادثي جي جاچ جاري هئي،هڪ مجبور والد کي ايجنسي اهلڪار پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن۽ ايجنسي جي ان مهم جو مقصد اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي اکين ۾ اکيون وجهندڙ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ملڪ شهزاد کي بليڪ ميل ڪري سگهجي جڏهن ته ڪار حادثي جو جاچ آفيسر پنجاب بار ڪائونسل کي خط لکي شڪايت ڪري رهيو آهي ته مون جڏهن ان حادثي جي جاچ ڪئي پئي تڏهن مون تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار دٻاءُ وڌو هو،هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بار ڪائونسل ته وڪيلن جو ڪنڊڪٽ ڏسنديون آهن انهن جو ججن جي معاملي ۾ ڇا وڃي؟ اهو خط اسٽيبلشمينٽ حامي اينڪرن کي ليڪ ڪيو ويو،وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ قوم جي خون پگهر جا پئسا بار ڪائونسل ۾ حاتم طائي وانگر ورهائي رهيو آهي،هن جو ڪردار به تڪراري ٿي ويو آهي، اعظم نذير تارڙ عاصمه جهانگير مرحومه جي روح کي رنجائي رهيو آهي