ڪراچي : سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار صحافين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. وڏي وزير سان گڏ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب کي فنڊ 5 مان وڌائي 7 ڪروڙ رپيا ڪري ڏنو آهي، ايس پي آر اي کي 2 ڪروڙ رپيا اهڙي طرح پريس ڪلبن ۽ صحافين جي تنظيمن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن.