اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڊرون ڪئميرائن جي استعمال بابت پاليسي جاري ڪندي سول ايوي ايشن کان رجسٽريشن لازمي قرار ڏئي ڇڏي.
پاليسي موجب ڊرون ڪئميرائن جي سول ايوي ايشن ۾ رجسٽريشن لازمي قرار ڏني وئي آهي ۽ رولز جاري ڪرڻ جي 4 مهينن اندر ڊرون ڪئميرائون رکندڙن کي رجسٽريشن لازمي ڪرائڻي پوندي، ڊرون ڪئميرا جي لائسنس جو مدو 3 سالن تائين هوندو.
هوابازي واري وزارت جي اختيارين موجب ڊرون ڪئميرائن کي وزن جي لحاظ سان 4 ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويو آهي، ڊرون ڪئميرائن جي ڪيٽيگري هڪ کان 4 تائين درآمد ۽ برآمد جي اجازت هوندي، جڏهن ته سرحدي هنڌن ۽ پابندي پيل علائقن ۾ ڊرون اڏائڻ تي پابندي هوندي.
اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته ڊرون ڪئميرا جي درآمد ڪرڻ لاءِ بچاءَ واري وزارت کان ڪليئرنس لازمي وٺڻي پوندي، ڪليئرنس بنا ڊرون اڏائڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته سول ايوي ايشن جا انسپيڪٽرن کان به ڊرونز جي انسپيڪشن لازمي قرار ڏني وئي آهي.
dronecamera caa pmln