موسميات کاتي برسات جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيد جي پهرئين ڏينهن موسم سخت گرم هوندي، جڏهن ته ٻئي ڏينهن کان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب عيد جي ٻئي ڏينهن اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي، گوجرانوالا، گجرات ۽ سيالڪوٽ ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٽئين ڏينهن برساتن جو سلسلو ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ پهچي ويندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب، ڪشمير ۽ خيبر پختونخواهه جي مٿين علائقن ۾ مينهن وسندو، جنهن سان موسم خوشگوار ٿي ويندي.
موسميات کاتي جي ڊي جي موجب چوماسي برساتون هن سال جون جي آخري هفتي ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جون جي آخري ٽن ڏينهن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.
ملڪ ۾ برساتن سبب ندي، نالن ۽ درياهن ۾ ٻوڏ جو به خدشو آهي.

weather weatherupdate pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.