ڀان سيدآباد (رپورٽ: آدم مينگل) ڀان سيدآباد ٽائون ڪميٽي جي لوڊر رڪشا جي ٽڪر ۾ پيرسن عورت فوت ٿي وئي.
انڪروچمنٽ دوران لوڊر رڪشا جو ٽڪر لڳڻ سبب ڀرڪياڻي برادري جي پيرسن عورت سخت زخمي ٿي پئي، جيڪا سيوهڻ اسپتال منتقل ڪرڻ دوران فوت ٿي وئي.
فوتي پيرسن عورت جي وارثن سخت احتجاج ڪندي لوڊر رڪشا ڊرائيور خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
وارثن الزام هنيو ته لوڊر رڪشا هلائيندڙ کي ٽائون انتظاميا فرار ڪرايو.
bhansayedabad dadu sindh