مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو تي ضابطو نه اچي سگهيو ۽ شهر جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ وڏي انگ ۾ مريض داخل آهن.
مٽياري ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ لڳي، شهر جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ 200 کان وڌيڪ مريض علاج هيٺ آهن، جن ۾ ٻارن جو انگ وڌيڪ آهي.
ان حوالي سان تعلقي اسپتال مٽياري جي ايم ايس عبدالسلام ميمن ٻڌايو ته گرمي وڌيڪ هجڻ سبب گيسٽرو جو پکڙجي رهيو آهي، هتي ايندڙ مريضن جو بهتر نموني علاج ڪيو پيو وڃي.
Matiari sindh gastro