سائنسدانن توانائي ذخيرو ڪرڻ وارو هڪ نئون سيمنٽ تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو سڄي گهر کي هڪ وڏي بيٽري ٺاهڻ جي صلاحيت رکندو آهي.
ميسا جوسيٽس انسٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جي تحقيق ۾ اها ڄاڻ ملي آهي ته پاڻي ۽ سيمنٽ جي مرڪب ۾ ڪاربن بليڪ نالي مواد ملائي تعميري مٽيريل کي هڪ سپر ڪيپيسٽر طور تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
اها ٽيڪنالاجي گذريل سال به سامهون آئي هئي پر هاڻي هڪ فعال ڪنڪريٽ بيٽري جو خيال تشڪيل ڏنو ويو آهي.
سائنسدان هڪ 45 مڪعب ميٽر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جيڪا هڪ گهر ۾ گهربل توانائي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندي.
انهي مٽيريل کي گهرن جي ڪنڪريٽ جي بنيادن ۾ بغير ڪنهن اضافي لاڳت جي ٺاهيو ويندو، جڏهن ته ان کي روڊن جي چوڌاري ٺاهي سگهجي ٿو ته جيئن شمسي گاڏين کي وائرليس طريقي سان چارج ڪري سگهجي ٿو.
Cement technology companies