آءِ ايم ايف پروگرام آخري هوندو، پاڙيسرين کي پوئتي ڇڏينداسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته واعدو ٿو ڪيان موجوده آءِ ايم ايف پورگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو.
قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته فلسطينين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، ڪشميرين تي به ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن جو مثال نٿو ملي، الله پاڪ کان دعا آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطينين کي سندن آزادي جو حق ملي.
هن چيو ته اسان 2022 ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، اسان آصف زرداري ۽ نواز شريف جي رهنمائي ۾ ڪم ڪيو، پاڪستان اڄ مسئلن مان نڪري آهستي آهستي ترقي ۽ خوشحالي تي رستي تي اچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ماضي کي ياد ڪري روئڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، ماضي مان سکي پاڪستان کي وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي، جن ادارن جو عوام جي خدمت سان ڪو واسطو ناهي، انهن کي ختم ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم چيو واعدو ٿو ڪيان ته موجوده آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو، اسان مستقبل جو رستو چونڊي ورتو آهي، عوامي پئسي تي عياشي نه ٿيندي، قوم جو هڪ هڪ پئسو ملڪي ترقي تي خرچ ٿيندو، اسان پاڙيسرين کي پوئتي ڇڏينداسين.

shahbazsharif pmln imf

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.