برساتن سان امڪاني ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چوماسي برساتن دوران امڪاني اربن فلڊنگ جي حوالي سان تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شرجيل ميمڻ، سعيد غني، مرتضيٰ وهاب ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ چوماسي جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويو، وڏي وزير چيو ته ملڪ ۾ 28 ۽ 29 جون کان چوماسي برساتن جو امڪان آهي، برساتن جا چٽا امڪان آهن، جنهن جي نتيجي ۾ اربن فلڊنگ جو خطرو آهي.
هن چيو ته اجلاس جو مقصد عيد تي صفائي ۽ برساتن کي ڏسندي اربن فلڊنگ جي تياري ڪرڻ آهي، سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي پنهنجي ڀرپور تياري ڪن.

muradalishah cmsindh ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.