فرج ۾ پٿر ٿي ويل برف کي ڳارڻ جو زبردست طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿوري ٿوري وقت ۾ فرج ۾ برف ڄمي ويندي آهي جيڪا سامان رکڻ ۾ ڏکيائي ۽ ٻين مسئلن کي جنم ڏيندي آهي اها برف ڳارڻ لاءِ گهڻو ڪري ماڻهو فرج کي ڪيترائي ڪلاڪ بند ڪري برف ڳرڻ جو انتظار به ڪندا آهن ڇو ته اها برف جيڪڏهن زبردستي لاهبي ته فرج کي نقصان ٿيندو آهي.

بلڪل، برف کي ڳارڻ جو ڪم ته ائين ڪرڻو پوندو پر ان جو زبردست طريقو اهو آهي ته اوهان فرج کي خالي ڪرڻ کانپوءِ برف ڳرڻ جو انتظار نه ڪريو پر وارن کي هڻڻ وارو هيئر ڊرائير کڻي اچو ۽ ڄميل برف تي هيٽ ڏيو، ان سان برف فوري طور ڳرڻ شروع ٿي ويندي ۽ ڪلاڪن جو ڪم منٽن ۾ ٿي ويندو.

خيال رهي ته برف کي هٽائڻ لاءِ اوهان ڪي لوهي شيون نه پر پلاسٽڪ جا چمچا استعمال ڪريو ۽ پوءِ ڪپڙي سان اگهي وٺو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.