جروار: ايريگيشن عملي واٽر ڪورس بند ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جو احتجاج

جروار (رپورٽ: همت بوزدار) ايريگيشن عملدارن طرفان واٽر ڪورس کي تالا هڻي بند ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺ دريا خان گبول ۾ مسو واھ ڀرسان آر ڊي 120 جي واٽر ڪورس کي ايريگيشن جي ايس ڊي او مجيد نائچ تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب 400 جريب زمين پاڻي نه ملڻ ڪري فصل جي پوکائي نه ٿي سگهي .

ڳوٺاڻن قدير گبول، غلام سرور، غلام نبي ۽ ٻين ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته اسان جو واٽر ڪورس بااثر جي چوڻ تي ايريگيشن ايس ڊي او مجيد نائچ تالا هڻي بند ڪري ڇڏيو آهي .

هنن چيو ته واٽر ڪورس بند هجڻ جي ڪري ٻج تيار آهي پوکائي نه ٿي سگهي آهي اسان جو گذر سفر زمين تي آهي اسان ايريگيشن وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور پاڻي کوليو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ ايريگيشن آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.