انسٽاگرام اداڪارن جو مٿو خراب ڪري ڇڏيو آهي:محمود اسلم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينئر اداڪار محمود اسلم چيو آهي ته انسٽاگرام تي فالوورز جي ڊوڙ اداڪارن جو مٿو خراب ڪري ڇڏيو آهي.

تازو ئي محمود اسلم هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستاني ڊرامن جي هاڻوڪي صورتحال تي ڳالهايو.

محمود اسلم جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جي ڪري اداڪارن جا رجحان تبديل ٿي رهيا آهن، هاڻي انهن اداڪارن کي ڪم ڏنو ويندو، جن جا اسٽاگرام تي فالورز وڌيڪ هوندا.

سينئر اداڪار موجب انسٽاگرام جي ڪري اداڪارن جو مٿو خراب ٿيو آهي، تنهن ڪري ڊرامن جي ٻيڙي ٻڏي وئي آهي.
Pakistan Showbiz MehmoodAslam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.