ورلڊ ڪپ: آئرلينڊ خلاف آخري گروپ ميچ، پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ ڦيرڦار جو امڪان

فلوريڊا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ آخري گروپ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي.
ذريعن موجب، آئرلينڊ خلاف پاڪستان جي پليئنگ اليون ۾ ٻن تبديلين جو امڪان آهي، آخري گروپ ميچ۾ ابرار احمد ۽ عباس آفريدي کي موقعو ملي سگهي ٿو.
ٻئي پاسي فلوريڊا ۾ خراب موسم سبب ميچ متاثر ٿي سگهي ٿي، ڇنڇر واري ڏينهن به برسات سبب قومي ٽيم پريڪٽس سيشن ۾ حصو نه ورتو.
ياد رهي ته پاڪستان ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون پهريان ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ واري ڊوڙ مان ٻاهر ٿي چڪيون آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.