جاويد شيخ راڪيش روشن جي فلم ۾ ڪاسٽ کان معذرت ڇو ڪئي؟

ليجنڊري اداڪار جاويد شيخ کي پنهنجي جواني واري دور ۾ به بالي ووڊ فلم ۾ هيرو جي ڪردار جي آفر ٿي هئي، پر تنهن وقت به هن اها آڇ سلميٰ آغا جي ڪري رد ڪئي.
1985ع ۾ فلم”هم اور تم“ جي لنڊن ۾ شوٽنگ دوران جاويد شيز جو سلميٰ آغا سان شادي ڪئي هئي.
شادي بعد جاويد شيخ به ممبئي ۾ سندس گڏ رهڻ لڳو هو، ان جو مقصد ڀارتي فلمن ۾ ڪم تلاش ڪرڻ نه هن سان گڏ وقت گذارڻو هو.
ان دوران ڀارتي فلمساز راڪيش روشن جاويد شيخ کي فلم ”خون ڀري مانگ“ ۾ ريکا سان گڏ ڪاسٽ ڪري ورتو هو.
پر جاويد ۽ ريکا جو آن اسڪرين رومانس سلميٰ آغا کي پسند نه هو، بعد جاويد شيخ جي جاءِ تي ستروگهن سنها کي ڪاسٽ ڪيو ويو هو.
پنهنجي نجي زندگي ۾ جاويد شيخ رومانٽڪ ماڻهو آهي ۽ کيس ”دل ڦينڪ“ به سمجهيو ويندو آهي.
جاويد شيخ پهرين شادي جي ڪيرئر جي شروعاتي دور ۾ زينت منگي سان ڪئي هئي، جيڪا ايڊورٽائزنگ جي شعبي سان لاڳاپيل هئي.
زينت منگي مان هن جي ٽي اولاد ۾ شهزاد شيخ،مومل شيخ ۽ مريم شيخ شامل آهن، شهزاد ۽ موڪل پيءُ وانگر اداڪار آهن.
ياد رهي ته جاويد شيخ ۽ سلميٰ آغا جي شادي گهڻو وقت نه هلي سگهي هئي.

JavaidShaikh Pakistan Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.