ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻڪرن کي هٿرادو ڏند لڳائي کپائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڪراچي جي علائقي گلبرگ چورنگي ۾ پوليس هٿرادو ڏند لڳائي ٻڪرا کپائيندڙ واپاري کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس واپاري ۽ 7 ٻڪرن کي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.
متاثر شهري جي اطلاع تي پوليس واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي، زال مڙس حيدرآباد مان ٻڪرا ڪراچي کڻي آيا هئا.
karachi sindh eiduladha