ڪپتان مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو، وڏي پئماني تي تبديليون نظر اينديون: باسط علي جي دعويٰ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر باسط علي چيو آهي ته صبر ڪريو رڳو هڪ هفتي اندر پاڪستان ٽيم ۾ وڏي پئماني تي تبديليون نظر اينديون.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته موجودا قومي ٽيم جي ست رانديگرن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سينيئر رانديگر به شامل آهن.
هن دعويٰ ڪندي پي سي بي جي اعليٰ اختيارين ٽيم ۾ وڏي پئماني تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي ڪپتان به تبديل ڪيو ويندو جيڪو عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل 15 رڪني اسڪواڊ مان نه هوندو.
ان کانسواءِ باسط علي چيو ته وهاب رياض، اظهر محمود مان به جند ڇڏائي ويندي، پي سي بي ۾ شعيب اختر ۽ شاهد آفريدي کي وڏي ذميواريون ڏين جو فيصلو ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.