اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جي اڪائونٽن تي گذريل رات هيڪرن حملو ڪيو.
ذريعن موجب هيڪرن انفارميشن ونگ طرفان استعمال ڪئي ويندڙ آفيسل اي ميل آءِ ڊي هيڪ ڪري ڇڏي، جڏهن ته گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جو يوٽيوب چئنل به هيڪ ڪيو ويو.
هيڪ ڪرڻ کانپوءِ يوٽيوب چئنل جي نالي سان گڏ بينرز ۽ ڪانٽينٽ به تبديل ڪيو ويو، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن جو يوٽيوب چئنل ۽ انفارميشن ونگ جي اي ميل آمريڪي وقت موجب جمعي ڏينهن شام 4 وڳي هيڪ ڪئي وئي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن اي ميل اڪائونٽ ۽ يوٽيوب چئنل جي واپسي تائين سمورين اي ميلز ۽ وڊيوز کي نظرانداز ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
uno newyork pakistan